اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس ۾ حڪومت جا 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ناڻي واري صلاحڪار اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني، ڪا??ينا کي ٻڌايو ويو ته مالي سال جو خسارو 9.1 سيڪڙو متوقع هو جيڪو هن وقت 8.1 سيڪڙو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 2 سالن جي عرصي ۾ 17 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي جڏهن حڪومت ملي ته جاري مالياتي خسارو 20 ارب ڊالر تائين پهچي ويو هو، ٻن سالن دوران روانگي واپار وڌائڻ ۽ غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي جي پاليسي اختيار ڪئي وئي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب ڊالر مان وڌي 12.5 ارب ڊالر تائين پهچي چڪا آهن، غريب ۽ پٺتي پيل طبقا وزيراعظم جي دل جي ويجهو آهن، تع??يراتي شعبي جي لاءِ موجوده حڪومت تاريخي ر??يف پئڪيج ڏنو جنهن ۾ انهن طبقن جي ضرورتن جو خاص خيال رکيو ويو آهي، ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي باوجود احساس پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 50 لک غريب خاندانن تائين مڪمل شفاف انداز ۾ مالي امداد پهچائي وئي جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي پڻ ضرورت جي شين تي رعايتي پئڪيج ڏنو ويو، وزيراعظم ڪچي آبادي جي رهواسين کي بي گهر ڪرڻ بدران قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ کوکن جي حوالي سان سي ڊي اي کي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، وفاقي ڪا??ينا اين آءِ آر سي جي چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ ۽ شاهد محمود خان کي پارڪو جو ايم ڊي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن، وزيراعظم جي هدايت تي ناڻي واري صلاحڪار وفاقي ڪا??ينا کي حڪومت جي ٻن سالن جي معاشي ڪا??ڪردگي ۽ غريب ۽ وچين طبقي جي لاءِ قدمن جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چيو ته وفاقي ڪا??ينا کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت جي موثر ۽ ٺوس ڪوششن جي ڪري اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪوويڊ 19 جي باوجود معاشي انگ اکر بهتر رهيا ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ پورهيت طبقن جي بهتري تي ڌيان ڏنو ويو ۽ اهوئي سبب آهي جو دنيا ان ڪا??ڪردگي کي ساراهيو آهي. هن چيو ته بلوم برگ جولاءِ جي مهيني ۾ پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج کي دنيا جي نمبر ون اسٽاڪ ايڪسچينج قرار ڏنو آهي جڏهن ته موڊيز به اقتصادي بهتري جي درجابندي ۾ پاڪستاني معيشت کي مستحڪم قرار ڏنو آهي. وفا??ي وزير چيو ته جڏهن به غريب ۽ وچين طبقي جو ذڪر اچي ٿو ته وزيراعظم عمران خان چوڪس ٿي وڃي ٿو ڇو ته اهو طبقو وزيراعظم جي دل جي تمام ويجهو آهي. هن چيو ته تع??يراتي شعبي جي لاءِ جيڪو پئڪيج ڏنو ويو ان ۾ به غريب خاندانن جو خيال رکيو ويو آهي، تع??يراتي شعبي جي بحالي سان نه رڳو گهٽ آمدني وارن ماڻهن جو پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿيندو پر سرگرميون بحال ٿيڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته جهڙي طرح حڪومت ڪورونا وبا تي الله جي مدد سان ضابطو آندو، ان جو دنيا ۾ مثا?? نه ٿو ملي ۽ دنيا ان حڪمت عملي جا مثال ڏئي رهي آهي.