اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت جون جي مهيني ۾ 1000 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪندي، جولاءِ ۾ ان انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو، اسپتالن جي عملي جي ضرورتن جي حوالي سان پڻ جائزو ورتو ويو، جنهن کي اڄ شام جو حتمي شڪل ڏني ويندي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي اجلاس جي صدارت کا??پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو آه??. ڪورونا جي مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آه?? جنهن جي ڪري وڏ?? شهرن جي اسپتالن تي پريشر وڌي رهيو آه??. ان کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت جون جي مهيني ۾ هڪ هزار بيڊز جن ۾ آڪسيجن جي سهولت پڻ شامل آه?? اهي صوبن کي ڏيڻ جي ذميواري کنئي آه??.