اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نجي شعبي جي ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور شرڪت ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي عزم کي ورجائ??ند?? وزارتن کي ان حوالي سان هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موجود قانونن ۽ عملن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم وزيرن ۽ صوب??ئي چيف سيڪريٽرين کي پڻ اها هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل کاتن ۾ اهڙن ترقياتي منصوبن جي نشاندهي ڪن جتي رڳو سهولتڪاري، قانونن کي آسان بڻ??ئي يا گهٽ مالي وسيلا لڳ??ئي ترقياتي منصوبن تي ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو. هن اها هدايت ملڪ ۾ معاشي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان مختلف شعبن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.