اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا عام ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري، تيز رفتار انصاف جي فراهمي لاءِ 8 آرڊيننس، گهٽ آمدني ??ار?? ماڻهن جي لاءِ 5 ارب جي بنا وياج جي قرضن جي اسڪيم، ڪرتارپور لنگهه جي حوال?? سان ڀارت سان معاهدي، قومي احتساب بيورو کي رڪ??رڊ فراهمي، ٽرسٽ فار وولينٽري آرگنائيزيشن جي ميمبرن جي مقرري، ڪنٽونمينٽس ۾ بي او ٽي بنيادن تي سولر جي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ قانون ۽ انصاف ??ار?? وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم مختلف وزارتن پاران عوامي ڀلائي جي حوال?? سان ملندڙ تجويزن کي ڪابينا آڏو رکيو.