ڪوئيٽا-20 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بلوچستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد ??اقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، نگران حڪومت ان شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي، وقت اچي ويو آهي ته تعليمي ??دا??ن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن بيوٽمز يونيورسٽي ڪو??يٽا ۾ صوبي جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقات ۽ تعليمي بهتري لاءِ انهن جي تجويزن، سف??رش?? بابت جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ??دا??ن ۾ مالي ۽ انتظامي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هاڻي اسان کي ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڳالهين ذريعي ئي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي بلوچستان جو چئن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهيان، ڪو??يٽا اچڻ جو مقصد تعليمي ماهرن، صوبائي حڪومت ۽ دانشورن سان ملاقاتون ڪري تعليم جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سف??رش??ن جوڙڻ آهن. هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان کانپوءِ ٻي?? صوبن جو به دورو ڪندس، جنهن کانپوءِ تعليم جي شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ ان جي حل بابت پنهنجي سف??رش?? تي ٻڌل رپورٽ صدر مملڪت ۽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪندس. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ڪو??لٽي جي مسئلن ۽ ٻين تي ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراهي مان پاڻ ڪندس، نگران حڪومت تعليم جي شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي. وائيس چانسلرز سان اڄ جي ويهڪ شروعات آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳتي وڌايو ويندو، مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ??دا??ن جي مسئلن جي حل لاءِ وائيس چانسلرز جي جلد نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي ويندي ته جيئن فنڊن ۽ پينشنز سميت ٻين مسئلن جو مستقل حل ڳولي سگهجي. ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت يونيورسٽين جي ڪو??لٽي ۽ گورننس جا مسئلا وڏا آهن، بلوچستان جي تعليمي ??دا??ن لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن 223 ملين روپيا ايڊيشنل گرانٽ ڏني آهي.