بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ خيرسگالي جي جذبن کي پاڪ چين پراڻي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مرڪز عنصر قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ سان نسل در نسل دوستي کي فروغ ملندو. نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ سان چين جي ڪم??ونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪم??ٽي جي عالمي ڊپارٽمينٽ جي وزير ليو جيان چائو ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻن تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چين جي ڪم??ونسٽ پارٽي جي پاڪ چين لاڳاپن ۽ گڏيل هم آهنگي وڌائڻ ۾ ڪردار کي ساراه??و. ??گران وزيراعظم چين جي ترقي ۾ ڪم??ونسٽ پارٽي جي اهم ڪردار کي به ساراه??و. ??گران وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ موجود خيرسگالي جي جذبن کي پاڪ چين پراڻي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مرڪزي عنصر آهي. نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ ۽ ليو جيان چائو عوام، قانونساز اسيمبلين، سياسي پارٽين، اسڪالرز، ميڊيا، نوجوانن، عورتن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ رابطن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اهي رابطا پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ نسل در نسل دوستي جي فروغ کي يقيني بڻائيندا. ليو جيان چائو چيو ته نگران وزيراعظم جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خصوصي دوستي جي روايتن جو عڪاس آهي. هن چيني ڪم??ونسٽ پارٽي جي پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي مضبوطي ۾ ڪردار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.