نانجنگ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان ??وس جي اطلاعات واري نائب وزير ب??لا چريڪسووا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ??وس جي ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??وس سان گڏيل پروڊڪشن ۽ تربيتي پروگرامز شروع ڪرڻ تي زور ڏنو. مرتضيٰ سولنگي ??وس جي اطلاعات واري نائب وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ان موقعي تي ??وس جي اطلاعات واري نائب وزير چيو ته ??وس پاڪستان سان ميڊيا کانسواءِ به زندگي جي ٻين شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. هن چيو ته روس ۾ پاڪستاني ڊرامن کي خاص مقبوليت حاصل آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊرامن ۽ ٻي پروڊڪشن جي مٽاسٽا تي پڻ غور ڪيو ويو. نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي خطي جي امن جي لاءِ ??وس جي خدمتن کي ساراهيو.