اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان جي 12 نئين اس??وڊيوز جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جڏهن ريڊيو پاڪستان پهتي ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان طاهر حسن ۽ ريڊيو پاڪستان جي عملي سندس شاندار آجيان ڪئ??. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان جي 12 نئين اس??وڊيوز جو افتتاح ڪيو جن ۾ ايف ايم 94 اس??ورٽس، 11 علائقائي زبانن جي نشريات، ماحوليات بابت اس??وڊيو، ٽيڪ اس??وڊيو، ڊراما، پروڊڪشن ۽ آڊيو ڊراما ريل جي حوالي سان اس??وڊيوز، پوڊ ڪاسٽ اس??وڊيو، ورلڊ سروس اس??وڊيو، نيوز بليٽن نيشنل اس??وڊيو شامل آهن جڏهن ته صوة القرآن جي ٽرانسميشن کي پڻ ڊيجيٽل ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي دوري دوران ريڊيو پاڪستان جي مختلف اس??وڊيوز جو دورو پڻ ڪيو ۽ اتي موجود عملي سان ملاقات ڪئ?? ۽ انهن جي ڪم کي ساراهيو. ان موقعي تي هن ريڊيو پاڪستان جي اس??اف کان انهن جي معاملن بابت معلومات پڻ ورتي. اطلاعات واري وفاقي وزير بعد ۾ ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئ?? ۽ ميڊيا کي اهو ٽرانسميٽر پڻ ڏيکاريو جنهن جي ذريعي 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آزادي جو اعلان ڪيو ويو هو.