اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف لاهور ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران چوماسي جي رڪارڊ ب??ساتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال کي فوري طور تي منهن ڏيڻ تي پنجاب جي نگران وڏي وزير ۽ پنجاب جي ٻين آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لاهور ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران چوماسي جون رڪارڊ ب??ساتون پيون. آئون وڏي وزير ??ي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن تاريخي برساتن کانپوءِ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ سڀ کان اڳتي وڌي قيادت ڪئي. هن چيف سيڪريٽري پنجاب، ڪمشنر لاهور، ايم ڊي واسا ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن جي ان مشڪل وقت ۾ عوامي خدمت جي لاءِ لڳاءُ ۽ عزم کي پڻ ساراهيو.