اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن لاءِ خدمتن ۽ فرضن سان لڳاءُ کي ??اراهيندي انهن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ??اراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن ملڪ ??ي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي ??راج عقيدت پيش ڪيو. صدر پهرين جون تي سنگوان بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عنايت الله ۽ حسنين اشتياق جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي کي ??اراهيو ۽ پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 3 جون تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ معراج الدين جي والد سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر 4 جون تي مير علي ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ ظهير عباس جي والد سان پڻ تعزي?? جو اظهار ڪيو. هن 4 جون تي جاني خيل ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد انور ۽ نائب صوبيدار غلام مرتضيٰ جي وارثن سان پڻ ٽيليفون تي تعزي?? جو اظهار ڪيو. صدر 5 جون تي ڏ??ڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ صابر جي پونئيرن سان پڻ رابطوڪيو. صدر سمورن شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ فرضن سان لڳاءُ کي ??اراهيو ۽ شهيدن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي پڻ ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.