اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي واري مح??سب جي حڪم جي خلاف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪندي هراسمينٽ ڪيس ۾ عورت کي جبري رٽائرڊ ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو. پائيڊ جي عورت ملازمه وائيس چانسلر ۽ پرو وائيس چانسلر تي هراسمينٽ جو الزام هنيو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته پائيڊ شڪايت ڪندڙ عورت کي زوري رٽائر ڪري هراسمينٽ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪئي، هراسمينٽ جي معاملي جي انڪوائري جي ڪارروائي هراسمينٽ جي خاتمي بابت مح????ب آڏو ٻڌڻي هيٺ آهي، هراسمينٽ جي خاتمي ايڪٽ 2010ع تحت انڪوائري دوران شڪايت ڪندڙ يا ??واهن جي خلاف ڪا سخت ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي. صدر چيو ته پائيڊ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪندي شڪايت ڪندڙ کي رٽائرڊ ڪيو. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت مح??سب جي حڪم جي خلاف پائيڊ جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر پاران جاري تفصيل موجب پائيڊ جي هڪ عورت ريسرچ اڪانومسٽ (شڪايت ڪندڙ) هراسمينٽ جي خاتمي بابت مح??سب وٽ هراسمينٽ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي. مح??سب انڪوائري شروع ڪئي پر معاملو ٻڌڻي هيٺ هجڻ دوران ئي شڪايت ڪ??دڙ?? کي نوڪري مان رٽائر ڪيو ويو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت مح??سب پائيڊ جي حڪم کي ڪيس جي خاتمي تائين معطل ڪري عورت کي بحال ڪري ڇ??يو هو. جوابدارن مح??سب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته مح??سب بجا طور تي پائيڊ جي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪيو. پائيڊ جي درخواست ۾ وزن نه آهي ۽ اها ميرٽ تي ٻڌل نه آهي ان لاءِ رد ڪئي وڃي ٿي.