لاهور – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ملڪي ترقي زرعي شعبي جي جدت کانسواءِ ممڪن نه آهي، هلندڙ سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار حڪومت جي آبادگار پئڪيج جي ڪري ممڪن ٿي، ڀاڻ تي سبسڊي سڌوسنئون آبادگارن تائين پهچائي وڃي، حڪومت کاڄرو تيل جي پيداوار وڌائي پاڪستان کي ان ۾ پاڻڀرو ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار زرعي شعبي جي حوالي سان بجيٽ تج??يزن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. ??جلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، طارق بشير چيما، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، مخدوم مرتضيٰ محمود، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، طارق پاشا، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ۽ زرعي شعبي سان تعلق رکندڙ ماهرن ۽ جديد فارمنگ سان واڳيل ناليوارن آبادگارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته معياري ٻج جي فراهمي، جديد مشينري، ايڪسٽينشن سروسز ۽ زرعي تحقيق جي لاءِ وسيلا بجيٽ ۾ رکيا ويندا، زرعي سڌارن تي سياست کان هٽي ڪري مستقل بنيادن تي عملي قدم ضروري آهن، زرعي ٽيوب ويلز کي مڪمل طور تي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ بجيٽ ۾ عملي قدم شامل ڪيا وڃن. هن چيو ته گذريل حڪومت اسان جي ٺاهيل زرعي تحقيقي ادارن کي ڄاڻي واڻي تباهه ڪيو، ايگريڪلچر پاليسي انسٽيٽيوٽ کي فوري طور تي فعال ڪيو وڃي، هلندڙ سال اسان ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪمند جي بهترين امدادي قيمت سان آبادگارن جي خوشحالي يقيني بڻائي، حڪومت ڳوٺاڻي معيشت کي بهتر بڻائي پيداوار جي ويليو ايڊيشن يقيني بڻائ??ند??. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڳوٺن ۾ ميون جي پراسيسنگ ۽ پلپنگ جي لاءِ ننڍا پلانٽ هنيا وڃن، کاڄرو تيل ۽ ٻين زرعي جنسن ۾ پاڻڀرائپ سان درآمدات تي دارومدار گهٽ ٿ??ند?? ۽ ق??مت?? پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿ??ند??، حڪومت يقيني بڻائ??ند?? ته آبادگارن کي وقت سر ۽ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيا وڃن. اجلاس کي زرعي شعبي جي حوالي سان گذريل هڪ سال ۾ وزيراعظم جي سڌارن جي حوالي سان پڻ تفصيلي آگاهه ڪيو و??و. ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي خصوصي آبادگار پئڪيج جي ڪري نه رڳو آبادگارن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي ممڪن ٿي پر وقت سر ڀاڻ ۽ معياري ٻج جي ڪري ڪڻڪ جي گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌ??ڪ پيداوار ممڪن ٿي. وزيراعظم جي هدايت تي ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪپهه جي بهترين امدادي ق??مت?? جي ڪري آبادگار خوشحال ٿيو ۽ ايندڙ فصلن جي پيداوار ۾ اضافو پڻ متوقع آهي. وزيراعظم کي عالمي معيار جي ٻجن، جانورن جي افزائش جي لاءِ سيمن جي درآمد، زرعي تحقيقي ادارن کي فعال ڪرڻ ۽ آبادگار پئڪيج جي حوالي سان عملدرآمد تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو و??و. ??جلاس کي نيشنل آئل سيڊ پاليسي تي بريفنگ ڏني وئي جنهن جو محور درآمدي کاڄرو تيل تي دارومدار گهٽ ڪري معياري ٻج فراهم ڪرڻ آهي. اجلاس کي وڌ??ڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت پاران معياري ٻجن جي فراهمي جي لاءِ جديد خودڪار سيڊ سرٽيفڪيشن ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم آبادگارن ۽ لاڳاپيل شعبي جي ماهرن جي راءِ کي فائديمند قرار ڏ??ند?? وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما کي زرعي شعبي جي حوالي سان بجيٽ تج??يزن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ٻه ذيلي ڪميٽيون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽيون زرعي شعبي جي جدت، ميڪنائيزيشن، معياري ٻج جي فراهمي، ڀاڻ تي آبادگارن کي سڌوسنئون سبسڊي، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ پاليسي قدمن کي حتمي شڪل ڏ??ند??ون. ڪميٽيون ان ڳالهه کي پڻ يقيني بڻائ??ند??ون ته زراعت جي شعبي ۾ روانگي واپار جي لاءِ ويليو ايڊيشن ۽ زرعي پيداوار کي عالمي ويليو چينز سان ڳنڍيو وڃي ته جيئن آبادگارن جي پيداوار عالمي منڊين تائين وقت سر پهچائي سگهجي.