اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس III ۽ ملڪه ڪنسورٽ ڪيميلا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مئي جي پهرين هفتي برطانيا جو دورو ڪندو. وزيراعظم 6 مئي تي برطانوي بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان ممتاز زه??ه بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??زيراعظم 5 مئي تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻ جي لاءِ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪن??و. ??رجمان چيو ته اميد آهي ته ??زيراعظم محمد شهباز شريف انهن تقريبن ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون به ڪن??و. ??رجمان چيو ته ??اڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آ??ي، جيڪا متحرڪ پاڪستاني – برطانوي ڪميونٽي ۾ مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته اسان برطانوي بادشاهه ۽ شاهي خاندان کي پاڪستان ۽ ان جي عوام جي دوست طور ڏسون ٿا ۽ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهيون.