ڪراچي – 24 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرد??ري لوڪ فنڪار واسو خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلا??ل ڀٽو زرد??ري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته واسو خان جي لاڏاڻي سان پاڪستان جي لوڪ موسيقي جي دنيا جو روشن ستارو اجهامي ويو، واسو خان مرحوم جي آواز ۾ بلوچستان جي پهاڙن جو طلسماتي لوڪ فن گونجندو هو. بلا??ل ڀٽو زرد??ري چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ انهن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن واسو خان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي جي دعا پڻ ڪئي.