انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي ۽ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جيڪو ترڪ عوام سان يڪجهتي جي اظهار ??اء?? ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪيه ۾ آهي، صدارتي محل پهچڻ تي صدر رجب طيب اردوان سندس آجيان ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئ??مي?? ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ترڪيه روانگي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي ??اء?? يڪجهتي ۽ حمايت جو پيغام کڻي ترڪيه روانو ٿي رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ٻن جدا رياستن ۾ رهندڙ هڪ قوم جي جذبي تحت اسان انهن جي نقصان کي پنهنجو سمجهون ٿا. صدر اردوان سان ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو مشڪل وقت ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي ??اء?? پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزيراعظم 6 فيبروري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ڏکڻ ترڪيه ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ريسڪيو ۽ ريليف جي سرگ??مي?? ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي. ترڪيه عوام جي مدد جي ??اء?? سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگ??مي?? جي نگراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لا??اپا آهن، ٻئي ملڪ هر آزمائش ?? مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.