اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ??ي مذمت ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف اجتماعي عزم جو مطالبو ڪندي چيو آ??ي ته اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اسلام جي مقدس ڪتاب جي توهين سان اربين مسلمانن جي جذبن کي مجروح ??يو ويو آ??ي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ق??آن جي توهين جو عمل جاهلاڻو، چڙ ڏياريندڙ ۽ اسلامو فوبڪ آهي. اهو غيرقانوني ۽ غير اخلاقي واقعو بنا سبب چڙ ڏياريندڙ ۽ دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي مجروح ??رڻ جو عمل آهي. هن چيو ته اهو مذمت جوڳو عمل عالمي سطح تي ??سليم ٿيندڙ اصولن ۽ اظهار جي جائز آزادي جي اصولن جي ابتڙ آهي. صدر چيو ته اظهار راءِ جي آزادي نفرت انگيز تقريرن ۽ ماڻهن کي تشدد تي ??تساهڻ جي اجازت نه ٿي ڏي. اسلام دنيا جي سڀني مذهبن جي لاءِ عزت ۽ احترام جي تلقين ڪري ٿو. ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته ان ڪڌي فعل سان مسلمانن جي مقدس قدرن جي توهين ڪري ڏک پهچايو آ??ي. اهو عمل دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي خطرناڪ سطح کي ظاهر ڪري ٿو. صدر چيو ته عالمي برادري اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل عزم جو مظاهرو ڪري. هن رواداري ۽ گڏيل بقاءَ جي قدرن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آ??ي ته نفرت جي نظريي کي فروغ ڏيندڙ ۽ انتهاپسند ۽ بنياد پرست عنصرن کي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.