ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته سندس يو اي اي جو دورو ٻطرفي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب امارات جي وفد سان هتي ملاقات ۾ ڳالهائيندي وزير??عظ?? چيو ته ??يس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته پاڪستاني بزنس مين پنهنجي محنت ۽ تجربي کي استعمال ۾ آڻيندي گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزير??عظ?? چيو ته ??ڏيل عرب امارات جي قيادت سان سندس ملاقاتون ڪامياب رهيون، سندس هي دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي برادري اميد کان وڌيڪ اعلان ڪيا. وزير??عظ?? پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب امارات جي وفد کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، ري??ل اسٽيٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل توانائي، فوڊ پراسيسنگ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا ڀرپور موقعا موجود آهن ۽ حڪومت سيڙپڪارن ۽ بزنس مين کي سموريون سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزير??عظ?? وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان تجويزن سان گڏ پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني. وفد حڪومتي معاشي پاليسيز تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين ??ار?? وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار ??ار?? وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع ??ار?? وفاقي وزير خواجه آصف ۽ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.