اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران 5 رڪني و??د جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو هوندو. پنهنجي دوري دوران اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم سان ملاقات ڪندو ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقاتون ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري و??اقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري و??اقي وزير ۽ واپار واري و??اقي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جو پڻ دورو ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ا??جنڊا تي موجود ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي و?? ڪندا. بيان موجب ان جي ا?? دوري سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون جي ا??م معاملن تي خيالن جي ڏي و?? جو موقعو پڻ ملندو. پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر جي حيثيت سان تنظيم ۾ اسلامي يڪجهتي، اتحاد ۽ مڪالمي جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري رکندو. اسلامي تعاونت نظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، ڪامرس، فوڊ سيڪيورٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون کانسواءِ تڪرارن کي حل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ا??ن ۽ سلامتي جي ڍ??نچي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، افغانستان کي ??نگ??ن انساني ا??داد فراهم ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪيو آهي جڏهن ته اسلامو فوبيا جي ڪڌي مظاهري کي منهن ڏيڻ ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار فراهم ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جو دورو ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي و?? جو موقعو فراهم ڪندو ته او آءِ سي هڪ ارب 90 لک مسلمانن جي ا??نگن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح پاڻ کي وڌيڪ متحرڪ ڪري سگهي ٿي جن جي هو نمائندي ڪري ٿي.