اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) ني??نل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان پاڪستان ۾ جمهوريه ق??زقستان جي سفير يرزان ڪستافين سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اين ڊي ايم اي چيئرمين جمهوريه ق??زقستان طرفان وزيراعظم رليف فنڊ لاءِ عطئي تي شڪريو ادا ڪيو. هن ايندڙ سردي جي موسم دوران ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد جاري رکڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻوڏ 2022ع ۾ پاڪستان جي قومي ڪوششن جي صلاحيت وڌائڻ تي ا??فاق ڪيو ويو. آفتن جي خاتمي، آگاهي، تياري ۽ رليف، ريسڪيو ۽ بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي مرحلن ۾ وڌيڪ ٻطرفي ۽ گهڻ رخو علائقائي تعاون قائم ڪرڻ جي ضرورت تي ا??فاق ڪيو ويو. قازقستان جي سفير تجويز پيش ڪئي ته ق??زقستان جي ايمرجنسي ريسپانس جي وزير ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين وچ ۾ شروعاتي آن لائين ملاقات بعد گڏيل تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ لاءِ قازقستان جي ا??ليٰ سطحي نمائندن جي وفد جو پاڪستان جي دوري جو اهتمام ڪيو ويندو.