اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ ??ان نڪرڻ ۾ ڪاميابي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته پاڪستان حڪومتي، ادارن ۽ ماڻهن پاران چار سال جي مسلسل محنت کانپوءِ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ??ان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي جنهن تي پاڪستاني قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان ڪاميابي جو سهرو انهن سمورن ماڻهن ڏانهن وڃي ٿو جن اڻٿ?? محنت ڪئي، قانونن ۾ تبد??لي??ن ڪيون ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي جي حوالي سان قومي عزم تي عمل ڪ??ي ڏيکاريو آهي.