اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فيملي ويزٽ ويزا جي توسيع جو مدو هڪ سال مان وڌائي 2 سال ڪرڻ ۽ توانائي جي ??وثر استعمال ۽ تحفظ جي ??دمن تي عملدرآمد جي روڊ ميپ جي حوالي سان مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جي تياري جي ??اءِ ڪميٽي جوڙڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته توانائي جي بچت جي حوالي سان عوام جي ??اءِ آگاهي مهم شروع ڪئي ??ڃي، بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي روڪٿام لاءِ ايندڙ هفتي تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي، ٿرڪول منصوبي سان توانائي جو درآمدي بل 24 ارب ڊالر تائين گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا سوات ۾ اسڪول بس تي فائرنگ جي ??اقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي ??اءِ فاتحه خواني ۽ زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم ٿر جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ٿرڪول پراجيڪٽ جي ذريعي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ??ي، ماضي ۾ ان منصوبي جي حوالي سان غير ضروري دير ڪئي ??ئي جيڪا ڪنهن قومي الميي کان گهٽ نه آهي پر هاڻي اهو منصوبو اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان پراجيڪٽ جي ڪري 24 بلين ڊالرز جي توانائي جي درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ان حوالي سان ڪم ڪندڙ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو ۽ چيو ته ايندڙ هفتي ان پراجيڪٽ جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس پڻ گه??ايو ويندو. وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارش تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ??اهور رجسٽري جي ??اءِ نابهه روڊ لاهور تي موجود 23 ڪينال زمين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي الاٽ ڪرڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گه??و وزارت جي سفارش تي ڀوٽان، مالديپ، نيپال، روانڊا، بيلاروس ۽ سلواڪيه کي بزنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ته جيئن انهن ملڪن سان ڪاروباري لاڳاپن کي فروغ ڏئي سگهجي. وفاقي ڪابينا گه??و وزارت جي سفارش تي فيملي ويزٽ ويزا ۾ توسيع جو مدو هڪ سال مان وڌائي ??ه سال ڪرڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. گه??و وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت کان تصديق ٿيل ٽريول/ عارضي دستاويزن تي 30 ڏين??ن جو ناقابل توسيع فيملي ويزٽ ڪيٽيگري سنگل انٽري ويزا جاري ڪرڻ جي ??ڻ منظوري ڏئي ڇڏي. گه??و وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم ۾ درخواستگذار جي ??يام جي جڳهه ۽ پتو، اسپانسر جي ??ازمي تفصيلن سميت ممڪنه انٽري پورٽ/ بارڊر/ ايئرپورٽ، جڳهه ۽ رابطي جي تفصيلن جي اضافي جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. سي پيڪ منصوبن کانسواءِ نجي ??اڻهن جي ??اءِ به اهي تفصيل لازمي هوندا. بزنس ويزا جي صورت ۾ اسپانسر جي رابطي جا تفصيل لازمي ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم توانائي ??اري وزارت (پاور ڊويزن) پاران پيش ڪيل توانائي جي ??وثر استعمال ۽ بچت جي ??دمن تي عملدرآمد جي روڊ ميپ جي حوالي سان دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي ??دايت ڪئي. ڪميٽي جي ??يمبرن ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين شامل هوندا. اها ڪميٽي ان تجويز ڪيل پلان جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان ڊگهي مدي، وچولي مدي ۽ مختصر مدي واري حڪمت عملي جوڙيندي. وزيراعظم چيو ته توانائي جي بچت جي حوالي سان عوامي آگاهي انتهائي ضروري آهي ۽ ان سلسلي ۾ مناسب آگاهي مهم شروع ڪئي ??ڃي. وزيراعظم توانائي ??اري وزارت (پاور ڊويزن) کي هدايت ڪئي ته بجلي چوري، لائين لاسز ۽ ان جي تدارڪ جي حوالي سان ايندڙ هفتي تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 30 سيپٽمبر 2022ع ۽ 10 آڪٽوبر 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.