اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص ??دم?? ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال، چيئرمين اين ڊي ايم ليفٽيننٽ جنرل اخترنواز، وفاقي وزير نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ طارق بشير چيما، صوبائي سيڪريٽري زراعت سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر علائق?? ۾ ??بيع جي فصل خاص طور تي ڪڻڪ ۽ تيلي ٻجن جي رٿابندي ۽ آبادگارن ??ي رليف پهچائڻ لاءِ ??دم?? جو جائزو ورتو، متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ ۽ تيلي ٻج جي ورڇ جي مڪينزم ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ??دم?? جو جائزو به ورتو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته متاثر علائقن ۾ ٻجن جي ورڇ جي عمل کي هر صورت ۾ شفاف بڻايو ويندو. فورم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پوک جي لائق ايراضي جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. بوڏ جي صورتحال کي پوکي جي حوالي سان موقع?? ۾ ??بديل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بلوچستان جي اختيارين ٻڌايو ته ٻجن لاءِ آبادگارن ??ي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏئي رهيا آهيو??. ف??رم چيو ته جن علائقن ۾ 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال ٿي ويندو ته ڪڻڪ پوکي ويندي، جڏهن ته 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ته اتي تيلي ٻج پوکيا ويندا. پاڻيءَ هيٺ آيل ايراضيءَ کي پوک جي قابل بڻائڻ لاءِ ڪوالٽيٽو جائزو ورتو ويندو ته جيئن امدادي سرگرمين جي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي. احسن اقبال چيو ته صوبن جي ضرورت جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير فورم کي ٻُڌايو ته ٻج ججهي مقدار ۾ موجود آهي، ٻوڏ متاثر علائق?? ۾ ??تي ضرورت ٿي ٻج فراهم ڪنداسين، سنڌ ۽ بلوچستان جي متاثر علائقن ۾ فوري ڪم شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيو??. ف??رم هدايت ڏني ته صوبا 10 آڪٽوبر تائين پوک جي قابل ايراضي ۽ ٻج جي ضرورتن کان آگاهه ڪن.