اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي فيٽف جون شرطون پوريون ٿيڻ ۽ وائيٽ لسٽ ۾ پا??ست??ن جي واپسي جي راهه هموار ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ”ٽيم پا??ست??ن“ کي مبارڪباد هجي جنهن پا??ست??ن جي لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي، گري لسٽ مان پا??ست??ن جو ن??لو ڪڍر??ئڻ جي قومي ڪوشش ڪندڙ سموري سول ۽ ملٽري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي مي??يا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪباد ڏيان ٿو، سندس قيادت ۾ ٽيم کي اها اهم ڪاميابي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري لسٽ مان پا??ست??ن جو ن??لو ڪڍر??ئڻ جي عمل تي مبارڪ، پا??ست??ن کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي توهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي قائم ڪيل ”ڪور سيل“ پا??ست??ن جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کانپوءِ پا??ست??ن جو ن??لو گري لسٽ مان نڪري ويندو، گري لسٽ مان پا??ست??ن جو ن??لو نڪرڻ سٺو س??ئو?? آهي، ايندڙ وقت ۾ پا??ست??ن کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. هن چيو ته جنهن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گري لسٽ مان پا??ست??ن جو ن??لو ڪڍر??ئڻ جي ڪوشش ٿي، اها ئي قومي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون، قوم کي مايوسي، نااميدي ۽ معاشي ابتڙي مان ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين.