اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي حوالي سان گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري اينتونيوگوتريس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري کي ڀارت ۾ جاري اسلامو فوبيا قدمن خاص طور تي تازو ئي حضور ﷺ جي باري ۾ بي جي پي جي ٻن سينئر عهديدارن پاران توهين آميز ريمارڪس کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي ??زير ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته اهڙي طرح ڄاڻي واڻي ڪيل اشتعال انگيزي سان سڄي دنيا جي اربين م??لم??نن جي جذبن کي شديد ٺيس پهتو آهي، هن جنرل سيڪريٽري تي زور ڏن?? ته هو ڀارت ۾ نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ان جي گستاخاڻي ريمارڪس جو نوٽيس وٺي، هن ڀارتي عملداران پاران پرامن مظاهرين سان روا رکيل ناروا سلوڪ جي به مذمت ڪئي جنهن ۾ مظاهرين جي گهرن کي غير قانوني طور تي بلڊوز ڪرڻ به شامل آهي، جيڪي م??لم??نن تي بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي اتحاد پاران مسلسل ظلم ۽ ستم جا تازا قدم آهن، پرڏيهي ??زير چيو ته بي جي پي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي عالمي مذمت جي باوجود بي جي پي جي اعليٰ قيادت ۽ ڀارتي حڪومت پاران واضح طور تي ان جي مذمت نه ڪرڻ انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. هن چيو ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس پنهنجي اسلامو بڪ ڪارروايون جاري رکيون آهن ۽ هو پرامن عوامي احتجاج کي طاقت جي وحشياڻي ۽ انڌي استعمال سان دٻائي رهي ??هي، پرڏيهي ??زير نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا تي گڏيل قومن جي موقف ۽ گڏيل قومن جي تهذيبن بابت اتحاد (يو اين اي او سي) جي اعليٰ نمائندن جي بيان جو ذڪر ڪندي جنرل سيڪريٽري تي زور ڏن?? ته هو اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي ۽ اسلامو فوبيا، زينو فوبيا ۽ ساڄي هٿ جي انتهاپسندي سان لاحق نئين ۽ اڀرندڙ خطري کي اجاگر ڪن، پرڏيهي ??زير جنرل سيڪريٽري تي زور ڏن?? ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. پرڏيهي ??زير ۽ جنرل سيڪريٽري اسلامو فوبيا جو موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي جامع ڪرڻ لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.