گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ۾ ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ سميت مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، دفاع ??ارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وز??ر احسن اقبال، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، مو??صلات وارو وفاقي وز??ر اسعد محمود، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جو ناظم الامور ??انگ چن زي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ مو??ود هئا. وزيراعظم گوادر ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪيو. جن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو انهن ۾ چائنا ايڊ پاران پاڪستان ۾ گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ، جنگٽال گوادر پرائيويٽ لميٽيڊ، هينگ مي ليبريڪينٽس پلانٽ، هين گينگ ايگريڪلچرل انڊسٽريل پارڪ، هوافا گوادر ايڪسپو سينٽر، 3000 هائوس هولڊ سولر پينل گوادر فرٽيلائيزر پلانٽ شامل آهن.