اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افعا??ست??ن جي 10 صوبن ۾ ٻوڏ، قيمتي جانين ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ افغان عبوري حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي خاندانن ۽ ٻين متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، عالمي برادري افغا??ست??ن ۾ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي هنگامي ام??اد جي لاءِ اڳتي وڌي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم افعا??ست??ن جي ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي عالمي برادري ۽ او آءِ سي افعان هيومنٽرين ٽرسٽ جي فورم تان متاثر افغان عوام جي مدد جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو پڻ م??البو ڪيو ۽ چي?? ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ افغا??ست??ن ۾ اڳ ۾ جاري انساني بحران ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو خدشو آهي. هن چي?? ته وقت سر قدم نه کنيا ته جاني نقصان وڌڻ جو خطرو آهي جنهن جي لاءِ فوري هنگامي قدم گهربل آهن. وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته خوراڪ، طبي امداد، بي گهر ماڻهن کي پناهگاهن جي فراهمي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون افغا??ست??ن جي مدد جو پروگرام شروع ڪن. هن چي?? ته افغا??ست??ن جي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ افغان عوام سان گڏ آهيون، هر ممڪن ام??اد ڪنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي افغا??ست??ن جي ٻوڏ متاثر عوام کي ام??اد جي فراهمي جو پڻ حڪم ڏنو ۽ چي?? ته پاڪستان متاثرين جي لاءِ هنگامي ام??اد موڪلي رهيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.