اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پوليو جي خاتمي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي??دي هنگامي بنيادن تي مهم هلائڻ ۽ خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن خاص طور اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت ملڪ جي حساس ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڏني. اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، صوبائي چيف سيڪريٽريز، متاثر ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو جي خاتمي واري مهم کي سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي??دي هنگامي بنيادن تي هلائين ته جيئن ملڪ مان ان ناسور کي سدائين لاءِ ختم ڪري سگهجي. هن ان سلسلي ۾ ڏکڻ خيبرپختونخوا جي ضلعن خاص طور تي اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم انهن ٻارن جي ويڪسينيشن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي جنهن کي ڪنهن سبب جي ڪري اڄ تائين ويڪسين نه لڳائي سگ??ي، هن عوام کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائن جي به هدايت ڪئي ته جيئن پوليو جي ڦهلاءُ کي سختي سان روڪي سگهجي. وزيراعظم پوليو جي پکيڙ کي ??وڪ?? لاءِ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنرز کي پاڪستان جي قومي ڏينهن تي قومي هيروز طور پذيرائي ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون.