اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ هائوس کي نيلام گهر بڻايو ويو آهي، مسٽر فراڊيا جمع آهن، چوري، لُٽ مار جو پئسو انهن ماڻه?? وٽ هو، سينيٽ اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ضمير خريد ڪيا پئي ويا، وڊيو به موجود آهي، اليڪشن ايڪٽ واضح آهي ته ڪنهن ووٽر کي پئسن جي ذريعي خريد نٿو ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميش?? وٽ موقعو اچي ويو آهي ته هو ان جو خاتمو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران قانون ۽ انصاف و??ري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخ??ري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اين ايف سي ??ي مد ۾ سنڌ حڪومت 2000 ارب کڻي وئي پر ڪٿي استعمال ٿيا ان جو پتو ئي نه آهي، جيڪي ڪائونسلر نه پئي بڻجي سگهيا، اهي ٽڪيٽ جي لاءِ عمران خان جي پيرن ۾ ويٺل هئا، اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني جي خلاف ڪيس جو به فيصلو ڪري ۽ ووٽ جي خريد ۽ وڪري کي فوري طور تي روڪي، اسان ايبسلوٽلي ناٽ چئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو، ان جو نتيجو ڀوڳڻ جي لاءِ تيار آهيون، ڪپتان ڄمي مقابلو ڪندو، ڪنهن قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو ۽ نه ئي ڪمپرومائيز ڪندو، مملڪتي وزير چيو ته اڄ سڀ چور هڪ طرف ۽ عمران خان جي سامهون ڄمي بيٺل آهي، جڏهن ڪو اتحاد ٺهندو آهي ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو آهي، اسان پاڪستان جي جمهوريت کي نيلام گهر بڻجڻ نه ڏينداسين، ڀرپور مزاحمت ڪنداسين ۽ رڪاوٽ بڻجي بيهنداسين، آرٽيڪل 63 اي واضح آهي، قانون ان لاءِ ٺاهيو ويندو آهي ته ان جو خوف هجي، ماڻ??و قانون نه ٽوڙين، جيڪڏهن انهن جا ضمير ايترا جاڳي ويا آهن ته نيلام گهر کان ٻاهر نڪرن ۽ ٻيهر اليڪشن وڙهي ڏسي وٺن ته انهن سان ڪيتري عوام آهي، ان موقعي تي قانون ۽ انصاف و??ري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخ??ري چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سامهون جيڪو ڪيس آهي اهو عام نه آهي، هڪ تاريخ لکي رهيو آهي ۽ ضمير فروشي جو اهو عمل عوام جي سامهون پهريون ڀيرو ته ناهي آيو، اليڪشن ڪميشن اسان آئيني ادارن، عوام جي ووٽ ۽ جمهوري عمل جو محافظ آهي، گيلاني جي وڪيل هاڻي اهو ٻڌايو آهي ته وڊيو جيڪا سامهون آئي اها اسان جي نه هئي، اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته هي اهم موڙ آهي، آئيني اد??ري کي ڪنهن ڪم جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي، هي موقعو آهي ته پارليامينٽ ميمبر ضمير وڪڻندا ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي کين سزا ڏني وڃي.