چنيوٽ – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ت?? مريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوالي سان نئين آڊيو ليڪ سان (ن) ليگ جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي، اهي چاهين ٿا ته ميڊيا ۽ ادارن ۾ انهن جا ئي نمائندا هجن، اسان جو سڄو پ??سو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، اسان جي پارٽي جا بئنڪ اڪائونٽس آهن، پيپلزپارٽي جا ته کوهه کاتا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چنيوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. فر?? حبيب چيو ته اسان جو سڄو پ??سو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، وزيراعظم عمران خان اهو واحد حڪمران آهي جيڪو هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏئي آيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اسان 60 کان وڌيڪ ثبوت فر??هم ڪيا ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي سمورن اڪائونٽس جو مڪمل رڪارڊ فر??هم ڪيو ۽ سرخرو ٿي نڪتا آهيون جيڪو تاريخ جو حصو آهي. فر?? حبيب چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پاپڙا واري ۽ فالودي وارن جي اڪائونٽس جو هڪ ڊگهو داستان آهي. هن چيو ته شريف خاندان جو اهو الميو رهيو آهي ته اهي ادارن تي پنهنجو ڌوئنس ويهاريندا ??هي??، شريف خاندان کي عدليه ۾ به پنهنجا ئي ججز گهرجن، ميڊيا پرسنز جي حوالي سان مريم صفدر جي نئين آڊيو سان انهن جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي.