اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع تي ووٽنگ دوران صورتحال انتهائي دلچسپ رهي، وزيراعظم عمران خان، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي ٻيهر راءِ ??ماري ۾ حص?? وٺڻ لاءِ ??يوان ۾ اچڻو پيو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع جي شق وار منظوري دوران جڏهن پهريون ڀيرو مخالف ڌر پاران زباني راءِ ??ماري کي چئلينج ڪيو ويو ته اسپيڪر حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن کي واري واري سان بيهاري حق ۽ مخالفت ۾ را??ِ ورتي، حڪومت ??ي عددي اڪثريت 168 جڏهن ته مخالف ڌر جي 150 ميمبرن جي راءِ ??امهون آئي تنهن هوندي به ٻين شقن تي ترميمن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر اسپيڪر جي راءِ ??ماري چئلينج ڪئي جنهن تي اسپيڪر رولنگ ڏني ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي قاعدي 29 جي تحت ايوان جي راءِ ??ي حوالي سان اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار چيو ته اسپيڪر قاعدي 29 تحت رولنگ ڏني آهي هاڻي مخالف ڌر پاران ووٽنگ کي چئلينج ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي، اسپيڪر زباني راءِ ??ماري ڪرائڻ جو اختيار رکي ٿو، مخالف ڌر پاران سيد نويد ق??ر، سردار اياز صادق، رانا تنوير حسين جڏهن ته حڪومت پاران بابر اعواڻ کانسواءِ وفاقي وزيرن، اسد ع??ر، پرويز خٽڪ به ان حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به اسپيڪر چيو ته جيتوڻيڪ هو رولنگ ڏئي چڪو آهي پر مخالف ڌر جي مطالبي تي هڪ ڀيرو ٻيهر هو ميمبرن کي واري واري سان بيهاري ووٽنگ جو موقعو ڏيندو. اسپيڪر جڏهن ٻيو ڀيرو مخالف ڌر جي ترميمن تي حق ۽ مخالفت ۾ واري واري سان بيهاري ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته وزيراعظم عمران خان، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پنهنجي پنهنجي چيمبرز مان ٻيهر ايوان ۾ ٿيندڙ راءِ ??ماري ۾ حص?? وٺڻ جي لاءِ ??چڻو پيو، ٻيو ڀيرو ٿيندڙ راءِ ??ماري ۾ به مخالف ڌر جا 146 ووٽن جي مقابلي ۾ حڪومت ??ا 163 ووٽ نڪتا، اهڙي طرح مخالف ڌر جون ترميمون اڪثريت راءِ ??ان رد ڪيون ويون.