اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي قيادت ۽ پاڪستاني قوم سريلنڪا جي شهري جي قتل جي سخت مذمت ڪري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان فوتي جي بهادر گهرڀاتين، سريلنڪا ج?? حڪومت ۽ عوام سان دل جي گهراين سان تعزيت جو اظهار ڪندي يقين ڏياريون ٿا ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته اهڙي قسم ??ي قدمن جو اسان جي مذهب ۽ ملڪ ۾ ڪو تصور نه آهي.