اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود عبدالرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيراعظم عمران خ??ن کي قطر جيقيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم عمران خ??ن جواب ۾ خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪندي قطر سان ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش کي ورجايو.