اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ ۾ مسلسل 13 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي جيڪا ??وام کي صحت ڪارڊ تائين نه ڏئي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري جي بيان ??ي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير چيو ته سنڌ ۾ مسلسل 13 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي جيڪا نه عوام کي صحت ڪارڊ نه ڏئي سگهي ۽ نه ئي راش?? سپورٽ پروگرام ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون حڪومتون عوام کي صحت ڪارڊ ڏئي رهيون آهن ان کانسواءِ راش?? سپورٽ پروگرام ۾ پڻ 65 سيڪڙو حصو وجهي رهيون آهن.