ملتان – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي حيات طيبه جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي، عوام جشن عيد ميلاد ا??نب?? ﷺ جي تقريبن ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺي رهي آهي،
هن چيو ته ڪجهه قوتون پاڪستان ۾ افراتفري ۽ انتشار چاهين ٿيون پر انهن جا ارادا پورا نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ عيد ميلاد ا??نب?? ﷺ جي جلوس جي موقعي ??ي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ان مبارڪ ڏينهن ۾ الله تعاليٰ کان دع?? ڪريان ٿو ته هو پاڪستان کي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکي.
شاهه محمود قريشي چيو ته عيد ميلاد ا??نب?? ﷺ جي موقعي ??ي سڄي ملڪ مان شهري نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو ڀرپور اظهار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دعاڳو آهيان ته رب العالمين انهن جي عقيدت کي قبول فرمائي ۽ دعاڳو آهيان ته الله پاڪ پاڪستان کي خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام نصيب فرمائي.