اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاناما پيپرز دنيا جي وڏن ڪرپٽ ماڻهن جي ٻاهرئين ملڪ لڪايل اثاثن کي بي نقاب ڪيو، هاڻي چيو پيو وڃي ??ه آئي سي آئي جي جي هڪ ٻي تحقيق سامهون اچي رهي آهي، عمران خان امير ملڪن تي زور ڏنو آهي ته غريب ملڪن مان چور?? ڪيل پئسو امير ملڪن ۾ لڪائڻ جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاناما وانگر پنڊورا ليڪس ۾ غريب ملڪن جو پئسو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪرڻ جا تفصيل اچن ٿا ته ان سان وزيراعظم عمران خان جي موقف کي وڌيڪ سگهه ملن??ي. ??ن چيو ته اسان کي اميد آهي ته اها تحقيقات به پاناما تحقيقات وانگر شفافيت جا نوان رستا ??وليندي ۽ ڪرپشن جي حوصلا شڪني جو هڪ ٻيو ذريعو بڻجندي.