اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جيڪڏهن توهان صحافين جا ايترا ئي خيرخواهه آهيو ته بلاول صاحب ٻڌايو بطور انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بل کي التوا ۾ ڇو رکيو آهي، جرنلسٽ پروفيشنل اينڊ پروٽيڪشن بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ رڪيل آهي ان جو نقصان صحافين ۽ ميڊيا ورڪ??ز کي ٿي رهيو آهي، اهو قانون ٺهي وڃي ته صحافين کي 100 سيڪڙو تحفظ ملندو، پي ايم ڊي اي جي ذريعي صحافين، ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي ۽ ??وڪ??ين جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويو آهي، مخالف ڌر تنقيد براءِ تنقيد پاليسي تحت پي ايم ڊي اي جي مخالفت ڪري ره?? آهي، پي ايم ڊي اي ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تربيت کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، معاشي استحصال تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪ??ز کي پنهنجي حقن جي لاءِ موثر پليٽ فارم ملندو، بلاول زرداري پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) کي پڙهڻ کانسواءِ ئي رد ڪري سياسي اناڙي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول ٻڌائي ته سنڌ ۾ اجي لالو??ڻي ۽ عزيز ميمڻ سميت صحافين تي حملن ۽ صحافين جي قتل جي واقعن تي اڄ تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي، پراسرار خاموشي تي صحافي برادري ۽ متاثر صحافي خاندانن کان معافي وٺندا. هن چيو ته سنڌ ۾ ذخيره اندوزن جي حڪومت آهي، انهي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سنڌ ۾ آهي، حقيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي ذخيره اندوزن جي پٺڀرائي ڪري ره?? آهي، بلاول صاحب ٻڌائي ته ڪيستائين سنڌ جي عوام کي انهن ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي مسلسل ٽيون ڀيرو سنڌ تي حڪومت ڪري ره?? آهي پر سنڌ جي عوام جا مسئلا جيئن جو تيئن آهن، اڄ تائين ڪراچي سميت سنڌ جي عوام کي پيئڻ جو صاف ????ڻي فراهم نه ڪندڙ ڪهڙي منهن سان وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا.