حيدرآباد – 19 جون (اي پي پي) ضل??ي انتظاميا حيدرآباد پاران حيدرآباد ڪلب قاسم آباد ۾ هڪ ڏينهن وارو ورچوئل مينگو شو منعقد ڪيو ويو. مينگو شو ۾ 20 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا جتي سنڌڙي، سنهري، سونارو، لال بادشاهه، بيگن پالي، زافران، انور رٽول ، آبوسي، زردالو، پتاشو، رتم گولو، ڪاروديسي، جامن، انوکا سردا، لنگڙو، دسهري کان علاوه 100 کان وڌيڪ مختلف ??سمن جا انب نمائش ۾ رکيا ويا. واضح رهي ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار ??وم??و جي فيس بڪ پيج تان پڻ مينگو شو سڌو سنئون ڏسڻ لاءِ انتظام ڪيو ويو هو. ورچوئل مينگو شو دوران آن لائن خصوصي طور خطاب ڪندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ضل??ي انتظاميا حيدرآباد جي سٿ کي بهترين مينگو شو منعقد ڪرڻ تي سندن واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته مينگو شو منعقد ڪرڻ جو مقصد انبن جي مختلف ??سمن کي متعارف ڪرائڻ آهي ۽ موجوده ڪورونا جي وبائي صورتحال جي ڪري ورچوئل پروگرام منعقد ڪيو ويو آهي ته جيئن روايت کي برقرار رکي سگهجي ۽ انبن جي مختلف ??سمن کي متعارف ڪرائي وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهجي.