اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان واپار جون نيون راهون کوليندو، پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??ان وحدت اسلامي افغانستان جي اڳواڻ استاد ڪريم خليلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان امن ??مل تي اڳڀرائي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته افغان مسئلي جي ٺوس حل جي لاءِ بين الافغان ڳالهين واري ??مل کي اڳتي وڌائڻ لازمي آهي. مسلسل ٽڪراءُ سان افغان عوام بري طرح متاثر ٿي. اسان افغانستان سان واپار ۽ معيشت سميت ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري چاهيون ٿا.