اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پار??يا??ينٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ سڀني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون. قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ مخالف ڌر پارٽين سان مشاورت جو عمل اڳتي وڌائينداسين. هو اسپيڪر هائوس ۾ حڪ??متي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ شفقت محمود سميت حڪ??ران پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر، مملڪتي وزير علي محمد خان، وزيراعظم ??و پار??يا??اني معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پارليماني معاملن سميت ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ ڪورونا بابت معاملن تي ت??صي??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ مخالف ڌر پارٽين جي پار??يا??اني اڳواڻن سان مشاورت تي به غور ڪيو ويو.