اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪشمير اسان جي وجود جو حصو آهي ۽ ان کانسواءِ اسان اڌورا آهيون، اسان ڪشمير کي ڪ??هن ناهي وساريو، ڪشمير جو ڪيس عالمي سطه تي وڙهي رهيا آهيون ۽ دنيا جي س??ور??ن رياستن ۾ ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ جي لاءِ پارلياماني وفد موڪليا، ڪشمير اشو کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپور آزاد ڪشمير ۾ فلاحي اداري ڪشمير آر فن ريليف ٽرسٽ جي 15 هين سالياني تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو.