اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف ع??وي چيو آهي ته چڪ فيني وڏو ماڻهو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وزيراعظم عمران خان پاران آمريڪي ارب پتي شخصيت 89 سالا چڪ فيني، جنهن پنهنجي پوري دولت عطيو ڪري ڇڏي آهي، ان بابت ٽوئيٽ تي پنهنجي ردعمل ۾ صدر چيو آهي ته چڪ فيني وڏو ماڻهو آهي. هن چيو ته منهنجو مرحوم والد ڊاڪٽر حبيب الرحمان الاهي ع??وي چوندو هو ته جيڪو ڪجهه آئون خيرات ڪريان ٿو اهو ئي آهي جيڪو آئون آخرت جي لاءِ گڏ کڻي وڃي ??هيو آهيان، ٻين کي ڏيڻ ٻنهي جهانن ۾ رهي ٿو.