اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سڄي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي فوري ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته آ??ِ بي، آءِ ايس آءِ ۽ ايف آءِ اي کي اسمگلنگ جي خلاف موثر ڪريڪ ڊائون جي مانيٽرنگ رپورٽ باقاعدگي سان پيش ڪرڻ ۽ بلوچستان ۾ بارڊر مارڪيٽس قائم ڪرڻ ج?? منصوبي جي رفتار کي تيز ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻين شين جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.