اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو کي رليف جي فراهمي موجوده حڪومت جي واحد ترج??ح آهي، مشڪل معاشي حالتن جي باوجود عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي، سموريون لاڳاپيل وزارتون ٻن ڏينهن اندر عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ پيش ڪن، ڀاڻ جي قيمتن ۾ 400 روپين تائين لاٿ آڻڻ لاءِ قدمن ۽ بي آءِ ايس پي تحت ماهوار وظيفي ۾ ا??افي جي تجويز کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ۽ عام ماڻهو کي رليف پهچائڻ جي ق??من جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.