اسلام آباد – 25ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسيحي ڀائرن کي ڪر??مس جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مسيحي برادري جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، اسان هڪ اهڙو معاشرو بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون جتي اختلاف راءِ جو احترام هج??، صبر ۽ برداشت جو ماحول هج?? ۽ سمورن شهرين کي برابر حق ۽ موقعا ميسر اچن. اسان سڀ گڏجي پنهنجي ٻارن لاءِ هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان بڻائي رهيا آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪر??مس جي موقعي تي پنهنجي پي??ام ۾ ڪيو.