اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڪالهه ايف سڪس ٿري اسڪول جو دورو ڪيو. پنهنجي دوري دورا?? هن اسڪول جي سهولتن ۽ تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ مقامي برادري طرفان ڪل ذڪر جوڳين ڪوششن جو مشاهدو ڪيو. مقامي برادري جي اجتماعي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي نگران وفاقي وزير ايف سڪس اسڪول ?? جاري بهتر سهڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي ??ي وفاقي وزير الام آباد جي 20 سرڪاري پرائمري اسڪولن کي فوري طور تي اپگريڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته کيس ايف سڪس ٿري اسڪول کي جوڙيل تبديليءَ جي ماڊل سان هم آهنگ ڪيو وڃي. هن چيو ته انهن قدمن جو مقصد ايندڙ 6 هفتن ۾ ڄاڻايل ادارن تعليمي ڍانچي ۽ سکڻ جي معيار کي بهتر ڪري سگهجي.