گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي ??عا??ن تنظيم (او آءِ سي) تي زور ڏنو آهي ته اها گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سا?? اسلامو ??وبيا تي خصوصي نمائندو يا فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي لاءِ رجوع ڪري ڇو ته سڄي دنيا ۾ خاص طور تي يورپ ۾ اسلامو ??وبيا ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي چڪو آهي، او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي يورپي ملڪن سا?? پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جي فريم ورڪ جي اندر مسلمانن کي درپيش چئلينجن کي اٿارڻ گهرجي ۽ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي يورپ ۾ مسلمانن جي خراب حالت بابت رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسلامو ??وبيا يورپ ۾ سياسي شعبن ۾ شدت سا?? گونجي رهيو آهي جيڪو آخرڪار قانونسازي ۽ پاليسين جهڙن امتيازن امتيازي سفري پابندين ۽ ويزا پابندين جي ذريعي اسلامو ??وبيا کي اداراجاتي بڻائي ٿو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گذريل سا?? اسلامي ??عا??ن تنظيم (او آءِ سي) ملڪن پاران پاڪستان پاران پيش ڪيل تاريخي قرارداد کي منظور ڪيو هو جنهن ۾ 15 مارچ تي اسلامو ??وبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو هو. ان قرارداد سا?? پيدا ٿيندڙ اڳڀرائي کي برقرار رکڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ اهڙي طرح جي اسلامو ??وبيا جي هڪ بدترين شڪل هندوتوا کان متاثر ڀارت ۾ آهي. هن چيو ته مسلمانن جي خلاف نفرت جي نظريي تي عمل پيرا ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي – آر ايس ايس جي حڪومت پنهنجي صديون پراڻي منصوبي تي عمل پيرا آهي، ان جو مقصد ڀارت جي اسلامي ميراث کي ختم ڪرڻ ۽ ڀارت کي هڪ خصوصي هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته يورپ ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت تي ٻڌل ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسلامو ??وبيا جو صنفي رخ به نمايان ٿي رهيو آهي جنهن ۾ مسلمان ڇوڪرين ۽ عورتن کي انهن جي لباس جي انداز ۽ عام تصور جي ڪري نشانو ب??اي?? وڃي ٿو ته مسلمان عورتون مظلوم آهن ۽ انهن جي لاءِ انهن کي ”آزاد“ هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي کي يورپ ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ امتيازي سلوڪ ۽ نفرت انگيز ڏوهن جي اهڙن واقعن جي نگراني جي لاءِ او آءِ سي جائزه کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي کي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ ڪائونسل آف يورپ جي انساني حقن جي ڪمشنر کان مطالبو ڪرڻ گهرجي ته اهي مسلمانن جي خلاف مذهبي نفرت، دشمني ۽ تشدد جي ڪاررواين جي نگراني جي لاءِ مبصر مقرر ڪري جيڪو پاليسي ادارن کي باقاعدگي سا?? رپورٽ ڪري. او آءِ سي کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو اسلامو ??وبيا تي خصوصي نمائنده ي?? فوڪل پرسن مقرر ڪري. او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي يورپي ملڪن سا?? پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جي فريمورڪ جي اندر مسلمانن کي درپيش چئلينجز کي اٿارڻ گهرجي ۽ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن.