اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چ??و آهي ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات م??ن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ملين ڊالر جو امدادي سامان اچڻ ??رو?? ٿي و??و آهي. گذريل رات صدر محمد بن زيد النهان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ هن يقين ڏياريو ته هو ٻوڏ متاثرين جي امداد جاري رکندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يو اي اي جي صدر جي دعوت تي منهنجو 3 سيپٽمبر تي گڏيل عرب امارات جو دورو طئي هو پر اسان سڄو ڌيان متاثرين جي ريليف ۽ بح??لي تي ڏيڻ جي لاءِ ان دوري کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڻ سان گڏ بيهندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جا سدائين ق??ضي رهنداسين.