اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي مبصرن جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، گڏيل قومن جي مبصرين گذريل ڏينهن ايل او سي جي چيريڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارت پاران جنگ بن??ي جي خلاف ورزي جي متاثرين سان ملاقات لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي پولس ڳوٺ وڃي رهيا هئا، خوش قسمتي سان گاڏي ۾ موجود ٻنهي مبصرين کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ پاڪ فوج کين حفاظت سان بچائي راولاڪوٽ پهچايو، تنهن هوندي به انهن جي گاڏي کي نقصان پهتو، اهو حملو ڄ??ڻي واڻي ڪيو ويو هو ڇو ته گڏيل قومن جي گاڏي، مخصوص نشان ۽ نيلي رنگ جي جهن??ي جي ڪري پري کان به واضح طور تي سڃاتي ويندي آهي.