ڪراچي – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز سان پاڪستان براڊ ڪاسٽر ايسوسيئيشن جي عهديدارن ملاقات ڪئي، پي بي اي جي صدر شڪيل مسعود اطلاعات واري وزير کي اليڪٽرانڪ ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو ته منهنجي لا??ِ توهان سان ملاقات خوشي جوڳي ڳالهه آهي، ملاقات کانپوءِ مسئلن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ جو موقعو مليو، گڏيل تعاون ۽ رابطا مسئلن جي حل لا??ِ ضروري آهن.