اسلام آباد – 31 جولاءِ (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي بابت نيشنل ڪوآرڊين??شن ڪميٽي جي اجلاس دوران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت پاران تعميراتي ۽ ترقياتي سرگرمين جي لاءِ سرڪاري اجازتنامن ۽ اين او سيز جاري ڪرڻ جي لاءِ آ?? لائن پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاءِ ق??ئم ڪيل ويب پورٽل جي ڪم، خاصيتن ۽ ان جي موثر هجڻ بابت معاملن جو عملي طور تي جائزو ورتو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب هن ويب پورٽل قائم ڪرڻ جو مقصد بلڊرز کي ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي، گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت ۽ مقرر مدي جي اندر تيزي سان د??خو??ستن کي اڪلائڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ويب پورٽل د??خو??ستن کي هڪ ئي وقت اڪلائڻ جي لاءِ سمورين آفيسن سان هڪ ئي وقت واڳيل آهي. چيف سيڪريٽري کي سڌوسنئون ڊيش بورڊ جي سهولت حاصل آهي ته جيئن هو د??خو??ستن تي جاري عمل جي نگراني ڪري سگهي ۽ ڪنهن به قسم جي دير جو نوٽيس وٺي سگهي.